پير جمعو شهيد

پير جمعو شهيد: پير جمعو شهيد، ضلعي نوشهري فيروز جي ڪنڊياري تعلقي جي الهندي طرف واري مقام ۾ مدفون آهي. هيءُ وڏو ولي ۽ عارف ڪامل ٿي گذريو آهي. تاريخن ۾ اچي ٿو ته جڏهن نواب عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ مغل فوج وٺي هتان کان درٻيلي ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ جمعو شهيد، مرزا جاني بيگ جي طرفان وطن جي بچاءِ جي جنگ وڙهندي شهيد ٿيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو